خانيوال (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان جهانيان ۾ پهرئين پاور شو دوران چونڊ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو. جلسي سان خطاب ڪندي عليم خان چيو ته اسان روشن مستقبل ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ هر هڪ وٽ روزگار هجي، عورتن جي روزگار لاءِ به قدم کڻڻ چاهيون ٿا، جهانگير ترين جي سربراهي ۾ پارٽي منشور جوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو اسان جي حڪومت آئي ته 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي ۽ غريبن کي اڌ قيمت تي پيٽرول فراهم ڪيو ويندو، پيٽرول جي قيمت وڏن ماڻهن کان وصول ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت مزدور جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار مقرر ڪندي، سرڪاري ايراضي کي غريبن لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ڪچي آبادي ۾ رهندڙن کي مالڪاڻا حق ڏينداسين. عليم خان چيو ته ملڪ کي چورن جي حڪمراني مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، اسان بادشاهت خلاف بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي کٽڻ کانپوءِ ڪرپشن جو نئون پاڪستان ٺهيو، اسان کي چيو ويو ته پاڪستان کي خوبصورت بڻائينداسين. آءِ پي پي صدر چيو ته عمران خان چوندو هو 50 لک گهر ٺاهينداسين ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين، هڪ گهر به نه ٺهيو، ڪنهن کي نوڪري به نه ملي، رڳو کيسا ڀريا ويا.
