ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي مٽاسٽا جي ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب 30 سيپٽمبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ مٽاسٽا جا ذخيرا 17.31 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ملڪي مٽاسٽا جا ذخيرا 30 سيپٽمبر تي 13.58 ارب ڊالر رهيا، اسٽيٽ بئنڪ جا پنهنجا ذخيرا 10.61 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 7.89 ارب ڊالر رهيا.اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 6.7 ڪروڙ ڊالر گهٽتائي سان 5.68 ارب ڊالر رهيا.










