3 لک 31 ھزار ھارين کي ھاري ڪارد ذريعي فيول سبسڊي ملي وئي

3 لک 31 ھزار ھارين کي ھاري ڪارد ذريعي فيول سبسڊي ملي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت ھاڻوڪن معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ھارين جي خوشحالي جي لاءِ فيول سبسڊي جي مد ۾ اھم سنگ ميل پار ڪري ورتو آھي، سڄي صوبي ۾ 3 لک 31 ھزار ھارين کي ھاري ڪارد ذريعي فيول سبسڊي ڏني وئي آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ فيول سبسڊي ۾ مجموعي طور تي 3 ارب رُپيا شفاف نموني جاري ڪيا ويا، ھي سبسڊي 19 لک 40 ھزار ايڪڙ زرعي ايراضي لاءِ ڏني وئي آھي. ھن چيو تھ آبادگارن جي لاءِ فيول سبسڊي جو مقصد ھارين جي پيداواري خرچن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۽ سندن آمدني ۾ واڌارو يقيني بڻائڻ آھي، فيول سبسڊي جي سموري رقم تصديق ٿيل ڊيٽا جي بنيا تي سڌي ريت آبادگارن تائين منتقل ڪئي وئي آھي، سڌي ريت رقم جي منتقلي سان حڪومت طرفان سئو سيڪڙو شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت جي آبادگار ۽ ھاري دوست پاليسين جا ھاڪاري نتيجا سامھون اچي رھيا آھن، گذريل سال ھاري ڪارڊ تحت ڀاڻ جي صورت ۾ ڏنل حڪومتي امداد جي ڪري ڪڻڪ جي فصل ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو.سندس چوڻ ھو تھ حڪومتي امداد جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 3 ڏھائي 5 ملين ميٽرڪ ٽن کان وڌي 4 ڏھائي 8 ملين ميٽرڪ ٽن تائين پھچي وئي، زرعي پيداوار ۾ واڌ، معاشي ترقي ۽ ھارين جي خوشحالي جي لاءِ سنڌ حڪومت اھڙا قدم جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو