راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 28 سيپٽمبر جي ڪيس ۾ 6 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي خلاف 28 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ احتجاج لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عمران خان جي وڪيل ۽ حڪومتي پراسيڪيوٽر دليل ڏنا.ٻڌڻي دوران پبلڪ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه پي ٽي آءِ باني جي وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کي 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ۽ کيس 2 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










