ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن ۾ ايم ڪيو ايم جو مڪاني نظام سان لاڳاپيل ترميم ايندو ۽ اسيمبلي ۾ منظور ڪئي ويندي، 27 هين ترميم جي موقعي تي ڪا به سوديبازي نه ٿي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم آئيني ترميم جو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو، 26 هين آئيني ترميم جي وقت اسان جو بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو هو.مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت اسان کي اپيل ڪئي ته هن معاملي کي هاڻي روڪيو وڃي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم چاهي ها ته وڌيڪ وزارتون ۽ مراعات گهري ها، مان پاڪستان ۽ پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو.










