ڪراچي/ ٽنڊو آدم، (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 26 هين ترميم جا ڦٽ اڃا تائين نه ڇٽيا آھن ته وري تڙ تڪڙ ۾ 27 هين ترميم ذريعي عدليه کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. حقيقت اها آهي ته 27 هين ترميم آئين ۽ پارليامينٽ جي روح جي خلاف آهي. هي صورتحال اسلامي جمهوري ۽ خوشحال ملڪ لاءِ پريشان ڪندڙ آهي. 21نومبر کان جماعت اسلامي جو ٽن ڏينهن جو ميڙاڪو فرسوده، ظالماڻو، جاگيرداراڻي نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ثابت ٿيندو. جنھن ۾ سڄي ملڪ مان لکين مرد ۽ عورتون ۽ دنيا جي اسلامي تحريڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا. جماعت اسلامي هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آھي. اھڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو آدم جي اقبال ڪالوني ۾ ملڪگير عوامي اجتماع جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ جماعت اسلامي سانگهڙ ضلعي جي عهديدارن جي هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي نائب امير افضال احمد آرائين، صوبائي ڊپٽي سيڪريٽري سهيل احمد شارق، ضلعي امير محمد رفيق منصوري، جنرل سيڪريٽري ارشد خاصخيلي، ضلعي نائب امير ظهير الدين جتوئي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.#










