اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ھپاڪستان جي سينيٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي هڪ سينيٽر چيو ته هو اڄ آئيني ترميم تي ووٽ ڏيڻ لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪري آيو آهي.آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان پوءِ، سيف الله ابڙو، ايوان کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي فتح اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ڪنهن به صدر يا وزيراعظم اهو احترام نه ڏيکاريو آهي جيڪو صدر ٽرمپ اسان جي فيلڊ مارشل کي ڏيکاريو آهي.سيف الله ابڙو چيو ته هي هائوس هوندو، اڳ فروغ نسيم هي ڪم ڪندو هو، هاڻي توهان اهو ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته بئريسٽر علي ظفر هي ڪم ڪندو.سيف الله ابڙو چيو ته مان اڄ سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.سيف الله ابڙو وڌيڪ چيو ته 26 هين آئيني ترميم دوران منهنجي زال کي گرفتار ڪيو ويو، منهنجي خاندان جي 10 ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر منهنجي لاءِ آواز نه اٿاريو.










