24 ڪلاڪن ۾ 1 هزار 589 ڪيس ڊينگي جا ڪيس ظاھر

24 ڪلاڪن ۾ 1 هزار 589 ڪيس ڊينگي جا ڪيس ظاھر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي سنڌ پوري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪل 5 هزار 978 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 589 ڪيس پوزيٽيو آيا۔ ڪراچي ڊويزن ۾ 4 هزار 444 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 876 ڪيس پوزيٽيو نڪتا، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 713 ڪيس پوزيٽيو آيا۔سيڪريٽري صحت سنڌ ريحان بلوچ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 88 نوان ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 92 نوان مريض داخل ٿيا۔ صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 126 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 97 مريض صحتياب ٿي گهر ويا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري سنڌ مان 2 موتن جي رپورٽ پڻ ٿي آهي۔ ريحان بلوچ ٻڌايو ته هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 210 آهي، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 183 مريض علاج هيٺ آهن۔ ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 256 بستر، حيدرآباد ۾ 155 ۽ اندرون سنڌ ۾ 565 بستر رکيا ويا آهن، جڏهن ته پوري صوبي ۾ گڏيل طور تي 976 بستر مختص ڪيا ويا آهن۔ خانگي اسپتالن ۾ ڪراچي لاءِ 156 بستر، حيدرآباد لاءِ 184 بستر ۽ اندرون سنڌ لاءِ 66 بستر رکيا ويا آهن، يعني پوري صوبي ۾ خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 406 بستر موجود آهن۔ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب، ڪراچي ۾ مجموعي طور 36 ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽ ڪري رهيون آهن، جن مان 11 سرڪاري ۽ 25 خانگي ليبارٽريون شامل آهن۔ جڏهن ته حيدرآباد ۾ 17 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 6 سرڪاري ۽ 11 خانگي آهن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو