21 مئي تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

21 مئي تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 21 مئي تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جن ۾ 26 نومبر، سنگجاني جلسو ۽ سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج شامل آهن.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عمير نيازي، رئوف حسن ۽ اعظم سواتي سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي 230 کان وڌيڪ ضمانت جي درخواستن ۾ واڌ ڪئي ۽ انهن کي 21 مئي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت مٿين ڪيسن ۾ ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي آخري دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته انهن اڳواڻن خلاف ترنول، رمنا، آبپارا، سيڪريٽريٽ ۽ ٻين پوليس اسٽيشنن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو