2018ع ۾ نااهل حڪومت مڙهي وئي، جنهن رڳو مسئلا پيدا ڪيا

2018ع ۾ نااهل حڪومت مڙهي وئي، جنهن رڳو مسئلا پيدا ڪيا

ملير (ن س) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 2018ع ۾ نااهل حڪومت مڙهيو ويو، جنهن پنهنجي ساڍن ٽن سالن ۾ رڳو مسئلا پيدا ڪيا، پي ٽي آءِ حڪومت عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا، پي ٽي آءِ وارا پنهنجي دور جو هڪ به ترقياتي منصوبو نه ڏيکاري سگهيا آهن، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک نون گهرن جي دنيا جي سڀ کان وڏي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي ۽ هاڻي اهو منصوبو تمام تيزيءَ سان هلي رهيو آهي، ماڻهن کي گهر ڏيڻ شروع ڪيا ويا آهن ۽ تمام جلد متاثرن کي 21 لک گهر ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي تي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خاص حڪمن تي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آهي عوام کي بهترين سفري سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پيپلز بس سروس سميت ٻين اسڪيمن مان عوام کي لاڀ حاصل ٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي هميشه عوامي خدمتن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي هدايتن تي ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي، ريڊ بي آر ٽي ٽيپو سلطان انڊر پاس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، صرف شٽرنگ جو ڪم باقي آهي جيڪو 4 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ملير-ڪينٽ روڊ تي ٽيپو انڊر پاس ۽ اس سان گڏ روڊ 31 آڪٽوبر کان باضابطه طور تي عوام جي لاءِ کوليو ويندو، ان منصوبي سان ڪراچي جي شهرين کي وڏو فائدو ٿيندو، ڪراچي جي شهرين کي سفري سهولتون ڏيڻ سنڌ حڪمت جي اولين ترجيح آهي. ريڊ لائين بي آر ٽي پاڪستان جي پهرين بي آر ٽي هوندي جنهن تي بائيو گيس تي هلڻ واريون بسون هلنديون ۽ اهو روٽ 26 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو، ٻهراڙي علائقن ۾ اهو ڪم ٿئي ها ته پهريان ئي مڪمل ٿي چڪو هجي پر شهري علائقن جي مختلف رڪاوٽون ۽ يوٽيلٽيز جي ڪري ڪم ۾ تاخير ٿيندي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت اختيارات سنڀاليندي ئي منصوبي تي تيز رفتاري سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو، منصوبي کي بروقت مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي رفتار تيز ۽ تمام وسائل استعمال ڪيا پيا وڃن، منصوبي جي معيار ۾ ڪا به ڪمي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي جي مختلف حصن تي ڪم پهريان ئي ٿيڻو هو، پر نگران حڪومت جي عدم توجه ۽ لاپرواهي جي ڪري ان ۾ دير ٿي ۽ عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2 مهينا پهريان ڪانٽريڪٽ ٽيپو سلطان انڊر پاس ۽ ان سان گڏ روڊ جي ڪم جي تڪميل جو واعدو ڪيو هو اڄ ٻن مهينن بعد ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ٽرانسپورٽ کاتي پاران يلو لائين بي آر ٽي تي ڪم شروع ڪيو وڃي پيو، هن چيو ته وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ريڊ لائين ڪوريڊور جي تعميرات جي حوالي سان هڪ اجلاس ۾ ڪم فوري طور تي مڪمل ڪرڻ ۽ تمام متعلقه ادارن کي يوٽيلٽي لائينن کي بروقت ري لوڪيشن يقيني بنائڻ جي هدايتون جاري ڪيون هيون ۽ ضروري فنڊز جي اجراء جا حڪم ڏنا هئا، ماڻهن دعويٰ ڪئي هئي ته ريڊ لائين بي آر ٽي جي ڪم ۾ دير ٿيندي پر پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت ايندي ئي ان تي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو به اليڪٽرڪ ٽيڪسي شروع ڪرڻ وارو آهي عورتن لاءِ گلابي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته مردن لاءِ الڳ اي وي ٽيڪسي سروس هوندي ٽرانسپورٽ کاتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته توانائي کاتو سنڌ صوبي ۾ سولرائيزيشن ذريعي گهرن تائين سستي بجلي فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٿر ڪول منصوبي جو تصور ڏنو جنهن تي صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمل ڪيو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول منصوبي تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڌي ريت نيشنل گرڊ ۾ وڃي ٿي، ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ اسد ضمان، سي اي او ٽرانس ڪراچي شمائله محسن، انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو