2014 واري ڌرڻي جي جاچ لاءِ تيار آهيان: عمران خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 2014ع جي ڌرڻي بابت پاڻ مٿان مڙهيل سمورن الزامن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته هو 2014ع واري ڌرڻي جي انڪوائري لاءِ تيار آهي، خوشي ٿيندي ته کيس انڪوائري ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته 2013ع جي اليڪشن آر اوز جي اليڪشن هئي، نگران وزيرِاعظم جي فارم 47 تي بيان کانپوءِ حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون؟پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته صدر، وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير ۽ سينيٽ چونڊ سڀ فراڊ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو