ميرپورماٿيلو(ظھير وسير ) ٻن مهينن کان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ميرپورماٿيلو واسي 2 ڀينرون ۽ سندن ڀاءُ اوچتو گهر پهچي ويا. بسم الله ڪالوني جون رهواسي ڀينرون سپنا ڀٽي، سونيا ڀٽي ۽ سندن ڀاءُ عرفان علي ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي پهچي هنن الزام هنيو ته کين گلزار اڄڻ ۽ اسد اڄڻ ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو. نارين دانهيو ته اغوا بعد هڪ هفتي تائين کين لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو جنهن بعد کين ڀاءُ سوڌو اڻڄاتل ماڻهن وٽ وڪرو ڪيو ويو. جن قيد ڪري رکيو. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان اتان وجهه وٺي ڀڄي نڪتاسين ۽ پوءِ گهر پهتاسين. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور منصور علي ٻڌايو ته بازياب ٿيل ڀينرن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي کين ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي هنن ماءُ سان گڏ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي جنهن تي عدالت کين ماءُ حوالي ڪيو. ياد رھي ته نارين ۽ سندن ڀاءُ جي اغوا جو ڪيس سندن ماءُ منظوران ڀٽي جي فرياد تي ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي اسد اڄڻ ۽ گلزار اڄڻ مٿان داخل ڪيو ويو ھو.










