2 مئي تي ڪراچي ۾ حڪومت خلاف ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان

سجاول (ن س )جمعيت علماءِ اسلام ف جي اڳواڻ راشد سومرو چيو آهي ته جي يو آءِ 2018ع جي چونڊن کي تسليم نه ڪيو، 2024ع جي چونڊن کي به تسليم نه ڪيو ويو، هاڻي ميدان ۾ اچي فيصلا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.سجاول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته هو اڳ ئي چئي چڪو آهي ته امن امان خراب آهي، چورن کي پيپلز پارٽي جي سرپرستي حاصل آهي.هن چيو ته وڏو وزير چوي ٿو ته سنڌ ۾ امن امان خراب آهي، هو ڪهڙي وات مان چئي رهيو آهي ته اڄ حالتون خراب آهن. راشد سومرو چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، اهو ڪنهن جو احسان آهي، ڪچي جي سمورن تڪن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي آهي، اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته چونڊيل نمائندن کي ڊڪٽن جي سرپرستي حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو