190 ملين پائونڊ ريفرنس تي ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي

190 ملين پائونڊ ريفرنس تي ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ 190ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، خبر موجب احتساب عدالت جي جج ناصر جايد رانا اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي عثمان گل چوڌري ظهير عباس پيش ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي جيل مان عدالت پيش ڪيو ويو، نيب پاران امجد پرويز، سردار مظفر عباسي، ليگل ٽيم سان گڏ پيش ٿيو، نيب جاچ آفيسر ميان عمر نديم تي جزوي جرح ڪئي وئي، نيب جاچ آفيسر تي جرح ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل ڪئي ويندي، ٻڌڻي ۾ ريفرنس جي 34 شاهدن تي جرح مڪمل ٿي چڪي، 35هين شاهد تي جزوي جرح ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو