190 ملين پائونڊ ڪيس: فيصل واوڊا ۽ علي زيدي طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)نيب اڳوڻي وزيرن فيصل واوڊا ۽ علي زيدي کي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو.قومي احتساب بيورو (نيب) فيصل واوڊا ۽ علي زيدي کي 14 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وفاقي وزيرن خالد مقبول صديقي ۽ فروغ نسيم کي به 14 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.نيب ذريعن موجب اڳوڻي وفاقي وزيرن کي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ لاءِ رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو