18 سالن کانپوءِ سبي هرنائي ٽرين سروس بحال

18 سالن کانپوءِ سبي هرنائي ٽرين سروس بحال

سبي (ويب ڊيسڪ)سبي هرنائي ٽرين سروس 18 سالن کانپوءِ بحال ٿي وئي.سبي ريلوي اسٽيشن تي سبي هرنائي ٽرين سروس جي بحالي لاءِ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي.بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ نگران ريلوي واري وزير شاهد اشرف تارڙ افتتاح ڪري ڇڏيو.سبي کان هرنائي ٽرين سروس جي بحالي واري تقريب کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير بلوچستان علي مردان ڊومڪي چيو ته ڪافي عرصي کان بند سبي-هرنائي سيڪشن کي ٻيهر کوليو ويو آهي.علي مردان ڊومڪي جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ فيبروري 2006ع ۾ بند ڪيو ويو هو، عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو، نگران حڪومت لاءِ اعزاز آهي ته 18 سالن کانپوءِ ٽرين سروس بحال ڪئي.هن چيو ته بولان ميل کي به 25 ڊسمبر تي بحال ڪيو ويندو، نواب اڪبر خان بگٽي ايڪسپريس ٻئي مرحلي ۾ بحال ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو