اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شماريات واري بيورو ملڪ ۾ مهانگائي جي هفتيوار ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي.شماريات واري بيورو موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 1.16 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ سالياني مهانگائي جي شرح 42.68 سيڪڙو ٿي وئي. شماريات اداري جو چوڻ آهي ته 15 شين جي اگهن ۾ واڌ، 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. شماريات واري بيورو جو چوڻ آهي ته بصر 8.4 سيڪڙو، انڊا 2.5 سيڪڙو، بجلي 2 سيڪڙو ۽ دال 1 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪمند، دال ۽ ناريل جا اگهه به گذريل هفتي وڌي ويا آهن. شماريات بيورو موجب گذريل هفتي ٽماٽر 9.8 سيڪڙو، آلو 4.3 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ 3 سيڪڙو، چانهه جي پتي 2.6 سيڪڙو، ڊيزل 2.3 سيڪڙو ۽ چانور 2 سيڪڙو سستا ٿيا، ان کان علاوه گھي، ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. اٽو، دال، چنا، ٿوري گهٽتائي هئي.










