بشير احمد نوحاڻي
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجهه ڏينهن اهڙا آهن جيڪي رڳو تاريخي يادگار نه پر جدوجهد قرباني ۽ انساني حقن جي روشن علامت بڻجي وڃن ٿا
پهرين مئي جنهن کي “مزدورن جو عالمي ڏينهن” چيو وڃي ٿو اهو ڏينهن به اهڙو ئي هڪ ڏينهن آهي هي ڏينهن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪشن مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن سندن عزت ۽ سندن جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو وڃي ٿو
مزدور ڪنهن به سماج جي ريڙهه جي هڏي هوندو آهي ڪنهن به ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ استحڪام جو دارومدار مزدورن جي محنت تي هوندو آهي فيڪٽريون هلائڻ هجن روڊ ٺاهڻ هجن عمارتون تعمير ڪرڻيون هجن يا زراعت جي ميدان ۾ فصل پوکڻا هجن هر جڳهه تي مزدور پنهنجو پگهر وهائي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا تنهنڪري مزدورن جي اهميت کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي
1 مئي جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي ان جي تاريخ ڏانهن وڃڻو پوندو 1886ع ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن پنهنجي حقن لاءِ هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي ان وقت مزدورن کان ڏينهن جا 12 کان 16 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو جڏهن ته کين مناسب اجورو به نه ملندو هو مزدورن پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ 8 ڪلاڪ ڪم 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ ذاتي زندگي جي اصول لاءِ جدوجهد شروع ڪئي
4 مئي 1886ع تي شڪاگو جي مارڪيٽ ۾ هڪ وڏو احتجاج ٿيو جتي مزدورن تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڪيترائي بيگناهه مزدور شهيد ٿيا انهن شهيدن جي قربانيءَ کي ياد ڪندي سڄي دنيا ۾ 1 مئي کي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو اهو ڏينهن مزدورن جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهي جنهن دنيا کي ڪم جي ڪلاڪن اجوري ۽ مزدورن جي حقن بابت سوچڻ تي مجبور ڪيو
مزدور صرف هڪ لفظ نه آهي پر هڪ قوت آهي هڪ جذبـو آهي جيڪو ڪنهن به قوم کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جيڪڏهن مزدور نه هجن ها ته نه ڪارخانا هلن ها نه روڊ ٺهن ها نه اسڪول ۽ اسپتالون وجود ۾ اچن ها مزدور پنهنجي رت ۽ پگهر سان دنيا کي ٺاهين ٿا پر افسوس جو ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ به مزدور پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهن
اسان جي سماج ۾ به مزدورن جي حالت گهڻو بهتر ناهي ڪيترائي مزدور اڃا به گهٽ اجوري تي ڪم ڪن ٿا کين صحت جون سهولتون موجود ناهن تعليم تائين رسائي محدود آهي ۽ کين پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو موقعو به گهٽ ملندو آهي هي هڪ وڏو الميو آهي جنهن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي
اسلام ۾ به مزدورن جي حقن تي خاص زور ڏنو ويو آهي حضرت محمد ﷺ فرمايو آهي ته مزدور جو پگهر سڪڻ کان اڳ کيس سندس اجورو ڏيو هي حديث مزدورن جي حقن جي اهميت کي واضح ڪري ٿي اسلام مزدورن سان انصاف عزت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏئي ٿو جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج ۾ اسلامي اصولن تي عمل ڪريون ته مزدورن جي حالت پاڻمرادو بهتر ٿي سگهي ٿي
اڄ جي جديد دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رهي آهي اتي مزدورن کي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو آٽوميٽڪ مشينون (AI) اي آئي ۽ جديد ٽيڪنالاجي مزدورن جي روزگار تي اثرانداز ٿي رهيون آهن ڪيترائي مزدور بيروزگار ٿي رهيا آهن يان گهٽ اجوري تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن
ان کان علاوه غير منظم شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت وڌيڪ خراب آهي
روزانو مزدوري ڪندڙ ريڙهي وارا، هاري، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو وغيره
ڇو ته نه انهن وٽ بيماري موڪل هوندي آهي نه ئي وري پينشن جهڙيون سهولتون هونديون آهن نه ڪو معاهدو هوندو آهي نه ڪو قانوني تحفظ ۽ نه ئي ڪو سماجي تحفظ. اهي مزدور روزانو پنهنجي روزگار لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ۽ ڪنهن به وقت بيروزگار ٿي سگهن ٿا
مزدورن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت سماج ۽ فردن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڪجهه اهم قدم هي ٿي سگهن ٿا
مزدورن لاءِ مناسب اجورو مقرر ڪيو وڃي
ڪم جا ڪلاڪ محدود ڪيا وڃن
صحت ۽ تعليم جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن
مزدورن لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪيا وڃن
مزدورن کي يونين ٺاهڻ ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو حق ڏنو وڃي
ان سان گڏوگڏ سماج ۾ مزدورن جي عزت ۽ احترام کي وڌائڻ ضروري آهي مزدور به انسان آهن ۽ انهن کي به عزت سان جيئڻ جو پورو پورو حق آهي
سنڌ جي ڌرتي هميشه محنت ڪشن جي ڌرتي رهي آهي هتي جا ڌنار مال چارين، هاري مزدور ۽ پورهيت پنهنجي محنت سان زمين کي سرسبز ڪن ٿا منڇر ڍنڍ کان ڪارونجهر، ڪراچي کان ڪشمور ، ٿر جي ميدانن کان وٺي سيوهڻ جي جبلن تائين، هر هنڌ مزدورن جي محنت جا نشان ملن ٿا پر افسوس جو انهن مزدورن کي اڃا تائين انهن جي محنت جو مناسب معاوضو نٿو ملي
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ مزدورن جي حقن لاءِ وڌيڪ آواز اٿاريو وڃي انهن جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ انهن کي بهتر زندگي جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن
1 مئي صرف هڪ ڏينهن نه آهي پر هڪ پيغام آهي جدوجهد جو همت جو ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته مزدورن جي قربانين کان سواءِ دنيا جي ترقي ناممڪن آهي
اچو ته هن ڏينهن تي اسان اهو عزم ڪريون ته مزدورن جي حقن جو احترام ڪنداسين انهن کي عزت ڏينداسين ۽ هڪ اهڙو سماج ٺاهينداسين جتي هر مزدور کي پنهنجي محنت جو مناسب صلو ملي
ڇاڪاڻ تہ جڏهن مزدور خوشحال هوندا تڏهن ئي قوم خوشحال ٿيندي.










