’وڃن سور سنڌا ڪيو‘ ۾ مون سڀ سچ لکيو آهي،ابڙو

’وڃن سور سنڌا ڪيو‘ ۾ مون سڀ سچ لکيو آهي،ابڙو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) پراڻي سياسي ورڪر ۽  ناليواري  ليکڪ محمد خان ابڙو جي ڪتاب “وڃن سور سنڌا ڪيو” جي مھورتي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي. مھورتي تقريب ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير سعيد غني،  حنا گيلاني، بخشڻ مهراڻوي، ھمسفر گاڏھي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته محمد خان ابڙو سان تعلق 26 سالن کان آهي ۽ اهو والد جي وقت کان ساٿي آهي. محمد خان سان تعلق جدوجهد سان لاڳاپيل آهي ۽ يوسي سميت هر اليڪشن ۾ مون سان گڏ رهيو آهي، ڪي ٿورا دوست هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ قابل اعتماد هوندا آهن. هن چيو ته  ڪتاب ۾ سچ لکڻ ضروري آهي پر اڌ سچ لکڻ غلط آهي، ڪجهھ ماڻھو ته سچ لکي موت کانپوءِ ڇپائڻ جو خيال ڪندا آهن جيڪو غلط آهي، محمد خان جي ڪتاب ۾ تلخ حقيقتون لکيل آهن، حال ۽ ماضيءَ جي عڪاسي وڏي جرئت آهي. هن چيو ته محمد خان ابڙو اخبار ۾ باقاعدگي سان لکڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته هو ڪڏهن لکندو آهي ته هن چيو ته هو رات جو لکندو آهي ڇو ته هو سڄو ڏينهن ڪم ڪار سان هوندو آهي. هن چيو ته محمد خان سياست ۽ زندگي سميت سڀني پهلوئن تي لکيو آهي، تاريخ جو سچ لکڻ ناراضگي جو سبب ٿي سگهي ٿو.  ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد خان ابڙي چيو ته مون ڪتاب ۾ جيڪو به لکيو آھي سچ لکيو آھي، مون لکڻ کان اڳ اھو قسم کنيو ھو ته سچ لکندس ۽ لکڻ ۾ ڪنهن سان به زيادتي يا رعايت نه ڪندس.ان موقعي تي ٻين مقررن پڻ ڳالهايو ۽ ۽ محمد خان ابڙو کي ڀيٽا پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو