ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت سمورا ماڻھو شھيد: آءِ ايس پي آر

ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت سمورا ماڻھو شھيد: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي ته بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي اوٿل کان ڪراچي ويندي پاڪستان آرمي ايويئيشن جي گُم ٿيل هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ آيو آھي خضدار پوليس هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ اچڻ جي تصديق پڻ ڪئي، ڊي آءِ جي خضدار چيو آهي ته ملبو سسئي پنهون جي مزار ڀرسان موسيٰ ڳوٺ ۾ مليو آهي پوليس عملدارن موجب هيليڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سومرو، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد ۽ 12 ڪور جو انجنيئر برگيڊيئر خالد سوار هئا،حادثي جو شڪار باقراڻي واسي پائليٽ ميجر سعد جي گهر ۾ تڏو وڇايل آھي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ گذريل ڏينھن گم ٿيل ھيليڪاپٽر جو ملبو مليو آھي، ڪور ڪمانڊر سرفراز علي سوڌو 6 ڄڻا ھن حادثي ۾ شھيد ٿي ويا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو