حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي ھوسڙي ڀرسان ڳوٺ عدل خان نوناري، ٽنڊو محمد خان حيدرآباد روڊ جي پاسي هڪ دلخراش حادثي ۾ 7 سالن جو نينگر فوت ٿي ويو.پوليس جي مطابق، جبل جو رھواسي، 7 سالن جو الله ڏنو رند ولد ربڏنو رند، رستي تي بيٺل ھو ته هڪ تيز رفتار وين کيس ٽڪ ڪري ڇڏيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ ننڍڙي نينگر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.اطلاع ملڻ تي ھوسڙي پوليس حادثي واري هنڌ تي پهچي، لاش کي پنهنجي تحویل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس وين ۽ ڊرائيور کي پڻ حراست ۾ وٺي تفتیش شروع ڪري ڇڏي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي سببن جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ته رستن تي احتياط ڪريو، خاص ڪري ننڍڙن ٻارن جي حفاظت لاءِ.










