نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي اسرائيل ۾ داخلا تي پابندي کي سياسي عمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي ردعمل ۾ گڏيل قومن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تي پابندي سياسي آهي.ويانا ڪنوينشن موجب ڪو ملڪ ڪنهن ٻئي شخص جي سفارتڪار کي ناپسنديده شخص قرار ڏئي سگهي ٿو پر عالمي اداري خاص طور تي گڏيل قومن جي عملي تي پابنديون نه ٿو لڳائي سگهجي.










