گيس سڄي دنيا ۾ مهانگي آهي،پاڪستان ۾ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

گيس سڄي دنيا ۾ مهانگي آهي،پاڪستان ۾ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي چيئرمين مسرور خان ملڪ ۾ گئس وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.چيئرمين اوگرا مسرور خان گيس جي قيمتن ۾ واڌ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن پنهنجو موقف پيش ڪيو.پهرين نومبر کان گئس جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ سوئي ناردرن گئس جي اگهن ۾ وڌيڪ 131 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.چيئرمين اوگرا مسرور خان چيو ته هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز جا خيال ٻڌي ڇڏيا آهن، ايندڙ ٻڌڻي پشاور ۾ ٿيندي جنهن کانپوءِ سفارشون حڪومت ڏانهن اماڻيون وينديون. مسرور خان چيو ته گئس جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي اعلان حڪومت ڪندي آهي پر اسان جي لاءِ صارفين جو مفاد پهرين ترجيح آهي.هن چيو ته سڄي دنيا ۾ گئس مهانگي آهي ۽ هتي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، صارفين کي هاڻي گيس جي بچت ڏانهن وڃڻو پوندو، مون بچت ڪري پنهنجي گهر جي گئس بل به ڪنٽرول ڪري ڇڏيا آهن.چيئرمين اوگرا چيو ته اسان جا ذخيرا گهٽ آهن، اسان کي ٻاهران مهانگي گيس خريد ڪرڻي پوندي آهي، امپورٽ ٿيل آر ايل اين جي ڪيترائي ڀيرا مهانگي آهي، جنهن جو خاتمو صارف برداشت ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو