ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گوليمار ويجهو ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 9 زخمي ٿي پيا.پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد تصديق ڪئي ته مارجي ويلن مان ٻه جنيد (25) ۽ عمير سلطان (18) آهن.ڊاڪٽر روٿ فائو سول اسپتال ڪراچي ۽ عباسي شهيد اسپتال جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو (SMBB) ٽراما سينٽر ۾ پهچڻ تي اڳ ئي فوت ٿي ويا هئا.هن ٻڌايو ته ويڙهه ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.هوڏانهن سٽي پوليس چيف جاويد اوڍو به فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي وڃڻ ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.اوڍو چيو ته ”قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن صورتحال کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس (ايس ايس پي) سينٽرل ذيشان شفيق صديقي ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) عرفان علي بلوچ واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن.پوليس جي هڪ ترجمان بعد ۾ اوڍو جو حوالو ڏيندي چيو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ضابطو آندو ويو آهي.هنن چيو ته واقعي واري هنڌ اڳ ئي پوليس جي وڏي نفري موجود هئي، رينجرز جي وڏي نفري به رستي ۾ موجود هئي.اوڍو چيو ته فائرنگ ۾ ملوث شرپسند عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سينٽرل ايس ايس پي کان تفصيل طلب ڪندي چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ فول پروف قدم کنيا وڃن،لنجار چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف جلد کان جلد ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي،هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث گروهه جي اهلڪارن سميت انهن جي سرپرستن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گوليمار ۾ فائرنگ جو نوٽيس وٺندي ريلي تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيو ته ڪنهن کي به شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










