پشاور: (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته گورنر راج جي معاملي کان اي اين پي کي ٻاهر رکيو وڃي.پنهنجي بيان ۾ ايمل ولي خان چيو ته اي اين پي جي بنياد خدائي خدمتگار تحريڪ جي عدم تشدد ۽ انساني وقار جي اصول تي قائم آهي.هن چيو ته اسان جو نظريو امن، برداشت ۽ عالمي هم آهنگي جو علمبردار آهي، پشتون قوم هميشه نوآبادياتي ظلم جي مقابلي ۾ باوقار اصولي موقف اپنايو. اي اين پي 1966ع کان جمهوري سوشلزم ۽ وفاقيت جي مضبوط آواز آهي، اسان پشتون، قوم پرستي کي امن، ترقي ۽ انصاف سان ڳٺ جوڙ کي اڳيان وڌائيندا آهيون.ايمل ولي خان چيو ته اي اين پي اڄ به پاڪستان ۾ جمهوريت، برداشت ۽ ترقي جي نشاني آهي. گورنر راچ جي معاملي کان اي اين پي کي ٻاهر رکيو وڃي. ياد رهي ته قانون بابت مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته دهشتگردي ۽ سرحد جي صورتحال کي ڏسندي گورنر راج لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي نئين گورنر لاءِ 5 نالا غور هيٺ آهن. غور هيٺ نالن ۾ 3 سياسي شخصيتون ۽ 2 اڳوڻا فوجي آفيسر شامل آهن.










