اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي چيو آهي ته گورنر سينيٽ اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، انهن کي روڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 فيبروري تي جاري ڪيل ضابطه اخلاق موجب صدر ۽ گورنر سينيٽ چونڊ لاءِ مهم نٿا هلائي سگهن پر ميڊيا تي روز گورنرز جي مهم هلائڻ جون خبرون اچن پيون، يا ته کين خبر ناهي يا ڄاڻي واڻي خلاف ورزي ڪن ٿا، اوهان صروري ڪاروائي ڪريو. ياد رهي ته پنجاب ۽ سنڌ جا گورنر سينيٽ چونڊ لاءِ نه صرف مهم پيا هلائين پر اجلاس به منعقد ڪري رهيا آهن.










