اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۽ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن تي هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبي تي فوري طور تي عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ توانائي واري وزارت پاران کنيل قدمن جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون 42 سيڪڙو گهٽجي ويون آهن. ايندڙ 6 مهينن ۾ گوادر ۾ فراهم ٿيندڙ بجلي جي وولٽيج کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي. گوادر ۾ گهريلو ۽ ڪاروباري صارفين کي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتي ۽ ڪارآمد قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته مختصر مدت جي منصوبن ۾، ايندڙ 8 کان 12 مهينن ۾ وڏن سرڪاري ادارن ۾ 9.7 ميگاواٽ شمسي توانائي نصب ڪئي ويندي. گوادر ۾ ڊگهي مدت جي منصوبن ۾، مستحڪم بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 40 ميگاواٽ جو منصوبو نصب ڪيو ويندو. گلگت بلتستان ۾ ڇتين ۽ يوٽيلٽي سطحن تي شمسي توانائي جا منصوبا 2027 تائين مڪمل ٿي ويندا. گلگت بلتستان حڪومت ۽ توانائي وزارت جا گڏيل منصوبا حڪومت کي ساليانو هڪ ارب رپيا بچائيندا.










