اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ غير قانوني هٿيار ۽ شراب هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي پوليس کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي سڀاڻي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










