ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران 9 ورهين کان گم ٿيل شهري عبدالرحمان جا وارث پيش ٿيا. گم ٿيل شهري عبدالرحمان جي ڀيڻ عدالت کي ٻڌايو ته 9 سالن کان عدالتن ۽ پوليس ٿاڻن ۾ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. حڪومتي وڪيل چيو ته ان حوالي سان 30 جي آءِ ٽي ۽ ڪيترائي صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن. جي آءِ ٽي ۾ شهري جي جبري گمشدگي جو تعين ڪيو ويو آهي، معاوضي جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي.عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته سچل مان گم ٿيل نثار احمد ۽ محمد نثار پوليس کي گهربل هئا، ٻئي گهر واپس پهچي ويا، جڏهن ته سچل جي علائقي مان گم ٿيل شهري عثمان غني هڪ ڪيس ۾ گرفتار آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ عبدالرحمان سميت ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي ڄاڻايل شهرين جي بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.عدالت جاچ آفيسر کان 22 آڪٽوبر تائين پيش رفت رپورٽ به طلب ڪري ورتي.










