لاپتا ڪيس، جي آءِ ٽي وارا سڀ چانهه پي واپس هليا وڃن ٿا

لاپتا ڪيس، جي آءِ ٽي وارا سڀ چانهه پي واپس هليا وڃن ٿا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ ڪراچي پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي وڃي ها.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽن تي پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 13 سالن کان ڏسي رهيا آهيون ته جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ سڀ نڪري ويندا آهن.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته 70 سالن جا بزرگ ڌڪا کائي رهيا آهن ، ماڻهن جون بدعا ڏيندا هوندا، پوليس ايمانداري سان ڪارروائي ڪري ها ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي وڃي ها.هن چيو ته جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ اهو طئي نه ٿي سگهيو ته شهري کي ڪير غائب ڪري ڇڏيندو،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي سربراهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل شهرين سيد عارف، عباس شاهه ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن،عدالت وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن کي 4 هفتن ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو