گم ٿيل ماڻهن ڪيس ۾ انٽيليجنس ادارن جا آفيسر طلب

گم ٿيل ماڻهن ڪيس ۾ انٽيليجنس ادارن جا آفيسر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گمشدگين واري انڪوائري ڪميشن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انٽيليجنس ادارن جي آفيسرن کي ان ڪئميرا ٻڌڻي لاءِ طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل لارجر بينچ بلوچ شاگردن سميت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل بئريسٽر منور اقبال ڊوگل انٽر سروسز انٽيليجنس، ملٽري انٽيليجنس ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. هن چيو ته انٽيليجنس ايجنسي جي اهلڪارن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي سڃاڻپ ۽ حرڪتون ظاهر ڪن.هن عدالت کي استدعا ڪئي ته انهن آفيسرن کان ان ڪئميرا بريفنگ ورتي وڃي جيڪي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي جو حصو آهن.ان تي گم ٿيل ماڻهن جي وڪيل ايمان مزاري عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته هلندڙ سال آگسٽ کان وٺي 187 ڄڻا گم آهن، جڏهن ته گم ٿيلن جي ڪيسن تي حڪومت کان وضاحت طلب ڪري سگهجي ٿي.جڏهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته وڪيل کي گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ڪيئن ملي، جنهن تي ايمان مزاري جواب ڏنو ته لسٽ بلوچ ساليڊريٽي ڪائونسل تيار ڪئي آهي.جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا تفصيل فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي افغانستان ۾ نظربند آهن يا ڪشمير ۾، هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي.عدالت انسپيڪٽر جنرل بلوچستان پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي آفيسرن جي ان ڪئميرا بريفنگ جو به فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو