اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سموري ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جو انگ 10,000 کان وڌي ويو ،سرڪاري انگن اکرن موجب، ملڪ بھر ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جو انگ 10,806 تائين پهچي ويو آهي.جنوري 2026 تائين، ملڪ بھر ۾ 9,259 گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس حل ڪيا ويا هئا ۽ 1,547 اڃا تائين جاچ هيٺ هئا.خيبر پختونخوا ۾ 970 ۽ پنجاب ۾ 211، بلوچستان ۾ 167، سنڌ ۾ 145، اسلام آباد ۾ 44 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 10 ڪيس جاچ هيٺ آهن.










