گم ٿيلن جي بازيابي تي ماڻهو پريشان ۽  عدالت اچڻ  ڇڏي ويا

گم ٿيلن جي بازيابي تي ماڻهو پريشان ۽ عدالت اچڻ ڇڏي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 ڀائرن سميت 6 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي تي ماڻهو پريشان آهن، اهي عدالت اچڻ ڇڏي ويا آهن، اها انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو 2 ڀائرن سميت 6 گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جاچ آفيسر جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 2 شهرين بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي نادرا اختيارين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.عدالت ڪمشنر ڪراچي، آءِ جي سنڌ، سي آءِ اي کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت گم ٿيل شهري زبير بابت سمورن صوبن ۽ سڄي ملڪ جي جيلن کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.عدالت شهرين، اخبارن ۽ عوامي هنڌن جي معلومات پوسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿيل زبير ۽ ٻين جي سفري تاريخ 4 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو