سکر (جيرام داس ) آءِ جي موٽر وي جي هدايتن تي ايس ايس پي موٽر وي سکر غلام سرور ڀيو جي نگراني هيٺ بيٽ 28 گمبٽ ۾ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس باءِ پاس تي حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪاروائي ڪئي. جنهن ۾ لاڳاپيل ادارن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سکر ريجن طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر مينٽيننس ٽيم سميت، ضلعي پوليس ۽ لوڪل انتظاميا ڀرپور شرڪت ڪئي. ڊي ايس پي شوڪت علي ڀٽي جو چوڻ هو ته اعليٰ آ فيسرن جي هدايت جي روشني ۾ سمورين شاهران کي حددخلين کان صاف ڪيو پيو وڃي ته جيئن هاءِ وي تي هلندڙ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني ۽ بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته حددخليون هٽائڻ رڳو ادارن جي ئي ذميواري ناهي، بلڪه سمورا شهري پنهنجي اخلاقي ذميواري کي نڀائيندي حددخليون قائم ڪرڻ کان پاسو ڪن.










