ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ڊي جي ايس بي سي اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ گل پلازا سانحي جي حوالي سان قائم ڪيل عدالتي ڪميشن شهر جي بلڊنگ ۽ ٽائون پلاننگ جي ضابطن تي عملدرآمد بابت سنڌ بلڊنگ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي کان قانوني وضاحت طلب ڪئي آهي.
ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته گل پلازا جهڙين عمارتن ۾ ضابطن کي لاڳو ڪرڻ جو ذميوار ڪهڙو ادارو آهي؟، ڪميشن سوال اٿاريو آهي ته ڪراچي بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشنز جي عملدرآمد ۽ نگراني ۾ ايس بي سي اي جو ڪهڙو ڪردار آهي.
ڪميشن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 ۽ لاڳاپيل ضابطن جي روشني ۾ واضح ڪيو وڃي.
سڀئي جواب ۽ دستاويز 1 اپريل تائين ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن










