گذريل سال شايع ٿيل ڪتابن تي انعام ڏيڻ جو اعلان

سکر(پ ر)انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران، سال 2020 ۾ ڇپيل ڪتابن تي چٽاڀيٽي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جنرل سيڪريٽري داڪٽر خادم منگي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي، انگريزي، اردو، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي، براھوي، پشتو، ھندڪو، ڪشميري، شينا ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيل ادبي ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا ويندا. ناول جي شعبي ۾ پھريون نمبر کڻندڙَ ڪتابَ جي ليکڪَ کي انالحق اڪيڊميءَ پاران ڏھ ھزارَ روپيا روڪ انعام طور پڻ ڏنا ويندا. شاعري، ڪھاڻيون. ناوليٽ. ناول، تنقيد، تحقيق، تاريخ، اينٿروپالاجي، مضمون، سماجي سائنس، ٻاراڻي ادبَ، سفرنامي، يادگيرين، ترجمي، لغت، ڊڪشنريءَ، لطيفيات، جيل ڊائريءَ، جلاوطنيءَ دوران لکيل ادب، سياسي ادب. سائنسي فڪشن، آپ بيتيءَ ۽ ادبي خطن جي شعبن ۾ به چٽاڀيٽي ڪرائي ويندي. سمورن ليکڪن کي گذارش آھي ته ھو پنھنجن ڪتابن جو پنج ڪاپيون 30 مئي 2021 تائين، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، گهر نمبر 619 ٻيلي کاتي جي آفيس سکر جي پويان، جي ائڊريس تي  اماڻين. چٽاڀيٽيءَ ۾ صرف پھرئين ايڊيشن وارو ڪتابُ ئي شامل ٿي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو