ڪُتي کي پٿر هڻڻ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 زخمي

قمبر شھدادڪوٽ:(رپورٽ نياز علي لانگاهه) شھدادڪوٽ ۾ بهرام ڀرسان ڪُتي کي پَٿر هڻڻ جي ڳالھ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا ان حوالي سان پوليس ٻڌايو آهي ته شھدادڪوٽ جي بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير محمد کوسو ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ طارق، وزير، عمران، غلام نبي، غلام شبير ۽ غلام حيدر کوسو سميت ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب زخمين کي تعلقہ اسپتال ميروخان، قمبر آندو ويو جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو