پشاور)ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي قانوني بڻائڻ جي تجويز وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏي آهي. دستاويزن موجب ڪي پي حڪومت وفاق کان 6 مهينن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، جنهن تحت ضم ٿيل ضلعن ۽ مالاڪنڊ مان 2 لک کان وڌيڪ نان ڪٽا گاڏين کي رجسٽر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ڪي پي ڪي جي ايڪسائيز کاتي جي دستاويزن موجب دهشتگردي کان بچڻ ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسڪيم تحت جيڪي گاڏيون پروفائل ڪيون ويون آهن انهن کي ريگيولر ڪيو ويندو، چوري ۽ ٽمپر ٿيل گاڏين کي ريگيولر نه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽريشن سان وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي اربين رپيا ٽيڪس جي مد ۾ حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين سان قانوني آٽو مارڪيٽ به متاثر ٿي رهي آهي. ڪي پي حڪومت طرفان وفاق کي موڪليل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته اسڪيم تحت ريگيولر ٿيل گاڏي 5 سالن تائين وڪرو نه ڪئي ويندي، ريگيولر ڪرڻ لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي ۽ رجسٽريشن فيس ادا ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. دستاويزن موجب 800 سي سي گاڏي تي فائلر کي 1 لک ۽ نان فائلر کي 15 لک رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته 2500 سي سي کان مٿي جي گاڏي تي فائلر کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. 7 لک رپيا ۽ نان فائلر کي 10 لک رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ڪي پي حڪومت 800 سي سي گاڏين جي رجسٽريشن فيس 15 هزار رپيا جڏهن ته 2500 سي سي گاڏين جي رجسٽريشن فيس 1 لک رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي. ايڪسائيز کاتي خيبرپختونخواهه جي سيڪريٽري فياض علي شاهه چيو آهي ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي ريگيولر ڪرڻ جي تجويز حڪومت کي موڪلي وئي آهي، غير قانوني گاڏين سان سڪيورٽي خدشا آهن.ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي شوڪت عباس جيو نيوز کي ٻڌايو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين سبب دهشتگردي جا ڪيس ٽريس ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ وڏو چئلينج آهن.شوڪت عباس چيو ته داسو ۾ چيني گاڏي تي حملي ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏي به استعمال ڪئي وئي، غيرقانوني گاڏين کي ريگيولر ڪرڻ سان دهشتگردي جا ڪيس ٽريس ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.










