ڪي پي ۽ جي بي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪي پي ۽ جي بي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سوات، مالاڪنڊ ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.سيسمو ميٽر موجب خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي مختلف ضلعن ۽ شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، پشاور، دير، سوات، مالاڪنڊ، ايبٽ آباد، مهمند، شبقدر، مردان، اٽڪ ۽ چارسده ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب 5.2 شدت جي زلزلي جو مرڪز هندوڪش جبل جو علائقو هو، جڏهن ته گهرائي 184 ڪلوميٽر هئي.زلزلي جا لوڏا، پارا چنار شهر سميت سڄي ضلعي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو