اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان خيبرپختونخواهه جي صوبائي قيادت فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي،ترجمان موجب پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي عورت شعبي جي آفيسرن به فريال ٽالپر سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي،ملاقات ڪندڙن ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي، محمد علي باچا، شجاع خان ۽ ظاهر علي شاهه شامل هئا، فريال ٽالپر سان روبينا خالد، نيلوفر بابر، شازيه طهماس، مهر سلطانه ۽ ٻين پڻ ملاقات ڪئي.زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال ۽ تنظيمي معاملن جو جائزو ورتو ويو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ورڪرز ڪنوينشن جي ڪامياب تنظيم سازي تي فريال ٽالپر جي اڳواڻن ۽ جيالن کي مبارڪون ڏنيون، پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر هن ڀيري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خيبرپختونخواهه جي دوري تي عوام جو جوش و خروش نظر آيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جو جوش، چونڊن کان اڳ عوامي ريفرنڊم آهي، خيبرپختونخواهه پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏا جيالا هوندا،










