ڪراڇي: (اسٽاف رپورٽر) سائوٿ پوليس ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان قريشي) جي 6 اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين ٻڌايو ته ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو آهي جڏهن ته حالتن سبب سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. پوليس کي اطلاع ملي ته جيئي سنڌ قومي محاذ(بشير خان قريشي) ڪو اجتماع منعقد ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي انهي حوالي سان امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جا امڪان هئا.پوليس امن امان جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪري ڇڏيا هئا، پوليس پريس ڪلب ايندڙ جسقم بشير قريشي گروپ جي 6 اڳواڻن کي گرفتار ڪري ويجهي ٿاڻي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس پاران گرفتار ڪيل اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، غلام مرتضيٰ، چاڪر خان، ڪاشف الله بچايو، آصف بالادي ۽ پنهل ساريو شامل آهن، پوليس موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جي حوالي سان وڌيڪ ڪوبه فيصلو قابون موجب ٿيندو.جسقم بشير خان قريشي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ(بشير خان قريشي) گروپ ۾ قومپرست اڳواڻ آصف بالادي شموليت جو اعلان ڪرڻ وارو هو، انهي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪرڻي هئي پر پوليس پريس ڪلب جو گهيراءُ ڪري ڪلب ڏانهن ايندڙ سمورن اڳواڻن کي ٻاهران ئي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان گرفتارين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهو عمل جمهوريت جي خلاف آهي.










