پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان لاڏاڻو ڪري ويو.گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر هو موڪل نه ڪري سگهيو هو. طبي عملدارن موجب اعظم خان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو، کيس بخار ۽ دستن جي بيماري هئي، جنهن سبب هن ڪالهه صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينا جا ميمبر ۽ اعظم خان جا گهر ڀاتي اسپتال پهچي ويا آهن پر سندس جنازي نماز بابت اڃا تائين ڪا به خبر سامهون ناهي آئي.پشاور يونيورسٽي مان قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ اعظم خان هڪ رٽائرڊ بيوروڪريٽ هو ۽ ان سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪمشنر پڻ رهيو. اعظم خان چيف سيڪريٽري ۽ مختلف وزارتن جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
اعظم خان جي لاڏاڻي تي افسوس،هو ايماندار هو: ڪاڪڙ
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بيو ۾ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر پئي ، هو يقينن هڪ ايماندار ۽ نيڪ انسان هو. الله پاڪ مرحوم جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين
جسٽس باقر پاران اعظم خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير محمد اعظم خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ، سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته نگران وڏي وزير سنڌ جي مرحومه جي مغفرت ۽ بلند درجات جي لاءِ دعا ڪئي.
مرحوم جي لاڏاڻي تي افسوس،خان ذميواريون ايمانداري سان سرانجام ڏنيون،بلاول
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي،: چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم اعظم خان تمام اهم انتظامي ذميواريون ايمانداري سان سرانجام ڏنيون،مرحوم اعظم خان جو عوامي خدمت لاءِ ڪيل ڪم هميشه ياد رکيو ويندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان مرحوم جي لاءِ دعا ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.










