ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ کي مقامي گئس فراهم ڪرڻ سان سوئي سدرن سسٽم ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.توانائي وزارت جي ذريعن موجب، ڪي اليڪٽرڪ کي مقامي ذريعن کان گئس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 100 ايم ايم سي ايف ڊي تائين گئس جي کوٽ هوندي، گئس شيڊول سڀاڻي کان لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.










