ڪي اليڪٽرڪ بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ بجلي 7 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ نيشنل اليڪٽرانڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي درخواستون وصول ٿيون آهن،نيپرا جي پڌرائيءَ موجب ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي 7 رپيا سستي ڪرڻ جي درخواست موڪلي آهي، جڏهن ته ڊسڪوز في يونٽ بجلي 19 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڊسڪوز جي درخواستن تي ٻڌڻي 27 نومبر تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو