ڪينيڊين  اليڪشن ۾ اميدوار هڪ به ووٽ  نه کنيو، تاريخ رقم

ڪينيڊين اليڪشن ۾ اميدوار هڪ به ووٽ نه کنيو، تاريخ رقم

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي هڪ شخص وفاقي اليڪشن ۾ صفر ووٽ حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.سي بي سي نيوز جي مطابق ، 45 سالن جو فيلڪس اينٽن هيمل ، ٽورانٽو جي ضمني چونڊ ۾ 84 اميدوارن مان هڪ هو.هو ڪينيڊا جي تاريخ ۾ واحد وفاقي اميدوار آهي جنهن کي اليڪشن ۾ ووٽ نه مليا.سي بي سي نيوز سان ڳالهائيندي، فيلڪس انتون هيمل چيو، “جڏهن مون نتيجا ڏٺا، مون سوچيو ته هرڪو مون کي ووٽ نه ڏيڻ تي متفق آهي.””مون پنهنجو نالو اميدوار طور اڳيان رکيو جڏهن منهنجي دوست هڪ چونڊ سڌارن جي وڪيل گروپ سان ڪم ڪيو ۽ هن مون سان رابطو ڪيو، مون کي اميد نه هئي ته تاريخ ۾ پنهنجو نالو اهڙي طرح لکندس، فيلڪس اينٽن هيمل جو چوڻ آهي ته، مان انهن ماڻهن مان آهيان، جن کان توقع ڪئي وڃي ٿي ته ڪئناڊا جي تاريخ هر طرح سان لکندو.سي بي سي نيوز موجب، ڇاڪاڻ ته هو ٽورانٽو سينٽ پال ۾ نه رهندو آهي، فيلڪس اينٽن هيمل پاڻ کي ووٽ به نه ڏئي سگهيو ۽ اعتراف ڪيو ته هن اليڪشن مهم ۾ ڪا به ڪوشش نه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو