ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران قبضن خلاف وس وارن کي اپيل

ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران قبضن خلاف وس وارن کي اپيل

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، ارشاد عمر گندرو، محمد خان ملاح، عبدالحڪيم گندرو، ارباب کمن سمون، ساجد گندرو ۽ ٻين پاران ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل غيرقانوني قبضن کي خالي ڪرائڻ لاء اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، حاجي محمد حنيف ميمڻ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري ڪينجھر ڍنڍ تي چليا واري پاسي ٿيل غيرقانوني قبضن جي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ڪينجھر ڍنڍ ھزارين ماھيگيرن جي روزگار جي وسيلي سان گڏ رامسر سائيٽ ۽ سينچري آھي، جنھن جي چوطرف ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪنھن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت ناھي ان ھوندي به  قبضا ڪري سائين بورڊ لڳائي اڏاوت جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جنھن جي دانھن ڊي سي ٺٽو کي ڏني، جنھن قبضا خالي ڪرائڻ جي خاطري باوجود قبضو خالي ڪرائي ناھي سگھيو، جنھن ڪري ڪينجھر ڍنڍ جي ماھيگيرن ۾ پريشاني واري لھر ڇانيل آھي. ان موقعي تي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي ۽ ٻين ڪينجھر بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته  ڪينجھر ڍنڍ اسانجو قومي ورثو ھجڻ سان گڏ وڏو تفريحي ماڳ آھي، جنھن تي ھزارين ماھيگيرن جو روزگار سلاڙيل آھي، جنھن تي ڪوبه  قبضو برداشت نه ڪنداسين. ھنن چيو ته وزير اعلي سنڌ کي ڄاڻ ڏيڻ سميت ضلعي انتظاميه  سان ڳالھائي ڪينجھر ڍنڍ تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي ڪينجھر ڍنڍ کي قبضن کان آجو ڪيو ويندو، جيئن مقامي ماھيگير پنھنجو بھتر روزگار ڪمائن ان  سان گڏ ايندڙ سياح به  صحيح نموني تفريح ڪري سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو