ڪوڪ اسٽوڊيو لاءِ ڳايل صنم ماروي جو ڪلام چوري جو نڪتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال آڪٽومبر ۾ شروع ٿيل ڪوڪ اسٽوڊيو جي 12هين سيزن کي ڪجهه سالن کان روحيل حيات پروڊيوس ڪري رهيو آهي ۽ شوقين ان جي واپسي تي خوش هيا پر ان جي واپسي باوجود هن ڀيري ڪوڪ اسٽوڊيو کي ڪاپي رائيٽس جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ 12هين سيزن جي هڪ وڌيڪ وڊيو کي ڪاپي رائيٽس سبب هٽايو ويو  آهي. گذريل هفتي 17 نومبر تي جاري ٿيندڙ ڪوڪ اسٽوڊيو 12 جي چوٿين قسط ۾ موجود صوفياڻو ڪلام گلوڪاره صنم ماروي جي ڪلام ”حيران هوا” کي به ڪاپي رائيٽس جي ڪري هٽايو ويو آهي. صنم ماروي ان ڪلام کان پهرين به ڪوڪ اسٽوڊيو جي ٻي قسط ۾ ابرارالحق جي گاني بلو ۽ ريچل وڪاجي ۽ شجاع حيدر جي سيان کي به ڪاپي رائيٽس جي ڪري هٽايو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ابرارالحق جي ڳايل گاني بلو کي هڪ نجي انٽرٽينمينٽ ڪمپني جي دعويٰ بعد هٽايو ويو هو. صنم ماروي جو ڪلام جگر مراد آبادي، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن جي شاعري تي مبني هيو. ڪوڪ اسٽوڊيو جي يوٽيوب چينل تي جيڪڏهن صنم ماروي جي حيران هوا گاني کي ڪلڪ ڪيو ويندو ته اها وڊيو نه ٿي هلي ۽ ڪمپني طرفان هڪ پيغام سامهون اچي ٿو ۽ ان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته مذڪوره گانو صوفي گلوڪاره عابده پروين جي دعويٰ کان پوءِ هٽايو ويو آهي. حالانڪه ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان آفيشلي ان معاملي تي ڪو بيان سامهون ناهي آيو پر عابده پروين جي ٽيم ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ۽ ان طرفان ڪاپي رائيٽس جي دعويٰ به داخل ڪرڻ تان صنم ماروي جي وڊيو کي هٽايو ويو آهي. عابده پروين جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته صوفي گلوڪاره هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهي پر ان جي طرفان داخل ڪيل ڪاپي رائيٽس واري دعويٰ درست آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو