ڪوڙن ڪاغذن تي ڪئناڊا ويندڙ مسافر گرفتار

ڪوڙن ڪاغذن تي ڪئناڊا ويندڙ مسافر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) اميگريشن اهلڪارن جعلي پرتگالي رهائشي ڪارڊ جي بنياد تي ڪراچي ايئرپورٽ تان ڪئناڊا وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته عرفان بشير جعلي دستاويزن تي پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 783 تي ڪراچي کان ٽورنٽو وڃي رهيو هو.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن پاران اميگريشن ڪائونٽر تي پيش ڪيل يورپي ملڪ پرتگال جو رهواسي ڪارڊ جعلي نڪتو، جڏهن ته جوابدار جي پاسپورٽ تي به پرڏيهه پهچڻ جا جعلي اسٽام لڳل آهن.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار ٽريول ايجنٽ کان 90 لک رپيا ڀاڙا ڪارڊ ۽ ٻيا جعلي دستاويز هٿ ڪيا.ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪي ايڇ ٽي سي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو