ٺٽو(ڊر)ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي سميت پوري ضلعي اندر چوپائي مال ۾ اوچتو ڦھليل پراسرار بيماري وڏي تعداد ۾ چوپائي مال کي ماري ڇڏيو، ڀاڳين کي مٿي تي ھٿ اچي ويا، ان سلسلي ۾ ٺٽي جي مختلف علائقن جي رھواسي ڪيترن ئي مالوند ماڻھن ممتاز پالاري، آچار ھالو، گھنور جاکرو، صاحبڏنو ميربحر ۽ بين دانھيندي چيو آھي تہ اوچتو چوپائي مال ۾ داڻن، گلي ۾ ڳنڍا ٿيڻ سميت مختلف پراسرار نموني واريون بيماريون ڦھلجندڙ سبب سندن ڪيترائي جانور مري وڃڻ سان گڏ ان بيماري ۾ مبتلا ٿي مرڻ جي ڪنڌي تي پھچي ويا اھن، پر اڃان تائين جانورن جي پالنا کاتي ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، جنھن ڪري ھو سندن بيمار چوپائي مال جو علاج نہ ٿيڻ ڪري سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ اھا صورتحال رھي تہ سندن سمورو مال بي موت مري ويندو، جيڪو ئي سندن روزگار جو واحد وسيلو آھي. ھنن جانورن جي پالنا کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ فورن ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي سميت پوري ضلعي ٺٽي ۾ چوپائي مال جي علاج لاء ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي سندن چوپائي مال جو علاج ڪري کين نقصان کان بچائڻ سميت بيمار جانورن کي بچايو وڃي، جيڪو ئي سندن روزگار جو واحد وسيلو آھي.










