ڪورونا سبب 63 فوت،39 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب 63 فوت،39 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته 3 هزار 946 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 856 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 99 لک 34 هزار 373 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 946 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان اڳ 24 جون 2020 تي هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 3 هزار 892 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. ان ڪري تقريبن 9 مهينن کان پوءِ اڄ ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ ڏينهن دوران سڀني کان وڌيڪ  هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 40 هزار 908 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 63 هزار 815، پنجاب ۾ 2 لک 05 هزار 314، خيبرپختونخواهه ۾ 81 هزار 787، اسلام آباد ۾ 53 هزار 684، بلوچستان ۾ 19 هزار 395، آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 016 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 977 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 37 هزار 985 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اڍائي هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 63 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل طور تي انگ 14 هزار 028 ٿي ويو آهي. اين او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 747 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 88 هزار 975 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو